درويش جا آرٽيڪلز ARTICLES

طوفاني برسات، متاثر ماڻهون ۽ سنڌ سرڪار......!
برسات، خداتعاليٰ جي طرفان هڪ نعمت هوندي آهي، جيڪا ڏڪاريل زمينن لاءِ رحمت کان گهٽ نه هوندي آهي، رڻ جا رهواسي ماڻهون وسڪاري جي لاءِ اکين ۾آس ڀري جڏهن اڀ ڏانهن نهارين ٿا ته تتل اُسَ پيدا ڪندڙ گرم سج کين مايوس ڪري ڇڏي ٿو. پر جڏهن آسمان ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪو ڪڪر ڏسجي ٿو ته ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا خوشي ۾ اها دعا ڪندي نظر اچن ٿا ته “ الله سائين مينهن وساءِ”، اڃارا پکي وسڪاري جي واٽ نهاريندي جُهلَڻَ جو انتظار ڪندي نظر ٿا اچن، جڏهن ڪوئل جي ڪُوڪُو وارو ساز رڻ ۾ گونجي ٿو ته مينهن جا سڪايل ماڻهون ان ساز کي برسات جو پيغام سمجهن ٿا. انهن ننڍڙن ٻارڙن جي اها صدا پوري ٿئي ٿي ۽ ڪارا ڪڪر وسي پون ٿا، وسڪاري کانپوءِ جيڏانهن نظر وڃي رڳو ساوڪ ۽ هٻڪار وارو ماحول نظر ايندو آهي.
هڪ طرف جتي برسات رحمتون ۽ خوشيون کڻي اچي ٿي ته ٻئي طرف ان کي قدرتي آفت تسليم ڪيو وڃي ٿو، شهرن ۾ رهندڙ ماڻهون تيز برسات کي روڪڻ لاءِ دعائون ڪندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته شهرن ۾ ڪاروباري ماڻهن پاران زمين جو سيني کي چيري وڏين وڏين عمارتون کوڙڻ لاءِ مختلف قسمن جا “سيمينٽ اسٽرڪچر” جوڙيا وڃن ٿا، جنهن سبب اتي اڃاري زمين جو ڪو وجود ئي نه هجي ٿو، برسات ٿيڻ سبب پاڻي انهن علائقن جي گهرن ڏانهن ڪاهي پوي ٿو ۽ انساني زندگي متاثر ٿئي ٿي.
هميشه اهڙي قسم جي برساتن، طوفان ۽ قدرتي آفتن ۾ هزارين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ، سوين ماڻهن جو اجل جو شڪار ٿيڻ ۽ لاتعداد ماڻهن جي گم ٿيڻ بابت خبرون هر ماڻهونءَ لاءِ افسوس ۽ ڏک جي لهر بڻجي وڃن ٿيون. متاثر ٿيل ماڻهون بي وس ۽ بي يارو مددگار ٿي پنهنجي لڙهي ويل سامان جي سائت ۾ لڳي وڃن ٿا... پر هن دفعي ايئن نه ٿيو!
هلندڙ مهيني ۾ آيل طوفان جون اڳڪٿيون ملڻ تي سنڌ سرڪار ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي انتظامن جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ وقت سر ان تي عمل پڻ ڪندي سنڌ جي سمورن اهڙن شهرن ۾ جتي سمنڊ ٽڪرائجي رهيو هو، انهن ۾ رليف ڪيمپون لڳايون ويون، ساحلي پٽي تي رهندڙ سمورن ماڻهن جي ڪيمپن ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻايو ويو.
گذريل حڪومتن جا سٽيل ماڻهون پنهنجي اجهن تي قبضن جي خوف کان گهر خالي ڪرڻ بدران انهن جي حفاظت لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا، ڇو ته شايد اڳوڻين حڪومتن ۾ انهن غريبن کي برساتن جا ڊپ ڏياري سندن اجهن کي خالي ڪرائي انهن تي قبضا ڪيا ويا هئا، پر موجوده سرڪار کي زمينون نه پر انهن غريبن جون حياتيون عزيز هيون، اعلٰي اختيارين جڏهن انهن غريبن جي گهر نه ڇڏڻ واري عمل کي ڏٺو ته کين مختلف ذريعن سان انهن کي اپيلون ڪندا رهيا ته اهي سامونڊي پٽي خالي ڪن ۽ پوءِ مختلف وزيرن پڻ انهن علائقن ۾وڃي انهن غريب ماڻهن کي خاطري ڪرائي ته موجودا حڪومت کي سندن حياتيون عزيز آهن ۽ ڪنهن جي به اجهي کي وڃائڻ نه سکي آهي. اعلٰي عملدارن جون اهڙيون ڳالهون ٻڌي غريب ماهيگيرن بي خوف ريلف ڪيمپن جو رخ ڪيو.
نيٺ طوفان آيو... حڪومت پاران جوڳا حفاظتي انتظام هئڻ ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، طوفان سبب ٿيندڙ تيز برسات سبب مختلف شهرن ۾ پاڻي جا تلاءِ ٿي پيا ۽ رابطي جو نظام پڻ متاثر ٿيو.
عام زندگي کي معمول تي آڻڻ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ سنڌ حڪومت جوڳا اپاٰ ورتا ۽ سمورو پاڻي صرف 48 ڪلاڪن ۾ اتان غائب ٿي ويو. رليف ڪيپمن ۾ ترسيل ماڻهون سندن جان جي حفاظت جي لاءِ حڪومتي ڪارڪردگي سبب خوش نظر اچي رهيا هئا ۽ سندن گهرن ڏانهن واپسي جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ميڊيا پڻ حڪومتي ڪارڪردگيءَ جي مثبت انداز ۾ ساراهه ڪئي وڏي وزير پاران متاثرن لاءِ امداد جو اعلان پڻ ڪيو ويو.
ڪنهن به قدرتي آفت کان بچاءِ لاءِ حفاظتي اپائن جي اهڙي ڪارڪردگي اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي، اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڇا هيءِ ان حڪومت جي ڪارڪردگي آهي، جنهن تي تنقيد ڪرڻ کانسواءِ مخالفن جي ماني حضم نه ٿيندي آهي. پر ها... کين موجودا حڪومت جي ڪارڪردگي سندن ننڊون پڻ حرام ڪري ڇڏيون آهن.
عمران درويش سومرو
Email: i_darvesh@yahoo.com
0331-2296956

آخر ڪيسيتائين...؟؟؟
23 مئي تي خبرون ٻڌندي جڏهن اوچتو ٽيليوزن تي هڪ چئنل لڳي ويو ته هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ واقعو منهنجي اکين ۽ دماغ کي سڀ ڪم وساڻ لاءِ مجبور ڪندڙ هيو.
مون ڏٺو ته هڪ غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي ٻاهران چند ماڻهون هيا جيڪي پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ اعليٰ اختيارن سان ملڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر هي ڇا.......؟ اچانڪ پوليس جي گاڏين جا سائرن ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ مون اهو سوچي چئنل تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد هميشه وانگر اهڙي قسم جا مظاهرا ڪندڙ پوليس جي مار کان ڊڄي ڀڄي هليا ويندا... پر هن دفعي ڳالهه ڏيکاءَ جي نه پر جذبات جي ظاهر ٿي رهي هئي. ڇو ته جڏهن غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پاران پنهنجي (نه سُوهندڙ) نالي واري چئنل تي مظاهرين تي الزام مڙهيندي اها خبر هلائي ويئي ته احتجاجين سندن دفتر گهڙي ۾ مارڪٽ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي ته احتجاجين جا هم خيال ۽ گهرن ۾ ويٺل ساٿي به پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيا ۽ انهن جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ نڪري پيا.
مٿي نه سُوهندڙ نالي جو ذڪر ان لاءِ ڪيو آهي ڇو ته جتي جنگ هوندي آهي اتي ڪوبه جي نه سگهندو آهي.
منافقت جي انتها تڏهن ٿي ويئي جڏهن پوليس پاران هڪ طرفي همايت ظاهر ڪندي ڏاڍ جو ساٿ ڏيئي پر امن مظاهرين جي مٿان لٺين جو وسڪارو ڪري اظهار جي آزاديءَ جو جنازو ڪڍيو. پر انجي باوجود به مظاهرين جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهيو ۽ غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي انتظاميا کي سر جي لڳڻ لڳي. مظاهرين جي تعداد ۾ ٿيندڙ مسلسل اضافي شايد پوليس بي رحم لٺين کي به احساس ڏياري ڇڏيو ته مظاهرو ڪندڙ شايد حق تي آهن ۽ انهن جا مطالبا به جائز آهن.

اهو به ڄاڻائڻ تمام ضروري آهي ته اهي مطالبا ڇا ۽ ڪهڙي حيثيت جا هئا؟؟؟
مطالبا:
1. غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پاران سنڌي زبان سان تعلق رکندڙ صدر بي وجهه تنقيد ڪري عوام ۾ سنڌ دشمنيءَ جو تاثر پيدا ڪندڙ اينڪرن کي بر طرف ڪيو وڃي.
2. سنڌي حڪومت جي خبرن کي خلاف ۽ منفي طور تي پيش ڪندڙ سنڌ دشمن ماڻهن کي پڻ بر طرف ڪيو وڃي.
3. غير امن نالي واري خانگي صحافتي ادارو سنڌ دشمن پاليسي ختم ڪري.

سوال اهو آهي ته آخر انهن مطالبن جنم ڇو ورتو.......................................................؟
اهي مطالبا تڏهن پيدا ٿيا جڏهن غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري سنڌ دشمني جي پراڻي روايت کي دهرائيندي سنڌي ماڻهن کي اقتدار ۾ ويٺل نه سَٺو ۽ پنهنجي چئنل تي گستاخ خاڪا ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيوجيڪو اڄ به جاري آهي، هميشه ڪنهن به ڳالهه کي اهڙي خبر جي طور پيش ڪيو ويو جنهن سان عوام ۾ حڪومتي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿئي، 18 ترميم جي نالي تي سنڌي صدر کي هميشه تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هيو پر جڏهن جمهوريت جي پاسداري ڪندي پنهنجا اختيار وزيراعظم کي منتقل ڪيا ته اهو عمل غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي سنڌ دشمن اينڪرن مٿان ڏمر ٿي ڪريو، ڇو ته انهن کي پگهار ئي صدر تي تنقيد ڪرڻ جي ڪري ملندي هئي، ۽ ان وقت سموريون سياسي قوتون صدر جي حمايت ڪندي نظر اچي رهيون هيو. پر چوندا آهن ته ڪُتي جو پڇ سئو سال نڙ ۾ وجهجي پر ساڳيو ٽيڙو ئي ٽيڙو.
انکانپوءِ اڃان تائين به اهو غير امن نالي واري خانگي صحافتي ادارو مسلسل سنڌي حڪومت ۽ عدليه وچ ۾ ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي. اهڙي قسم جا اينڪر پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي ۽ سينئر صحافي ڪردارن جي مٿان ڌٻو آهن.
حيرت ان وقت ٿي جنهن وقت اهو معلوم ٿيو ته احتجاج ڪندڙ پارٽي جو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه هيو ۽ هو ٻئي ڪنهن سياسي جماعت جي رهنمائي ڪري رهياهئا. تيز رفتار دور ۾ وقت تمام گهڻي اهميت رکي ٿو پر مظاهرين قيمتي وقت جي قرباني ڏيندي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي روايتن جي حفاظت جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجا سنڌ دوست مطالبا مڃائڻ لاءِ سخت گرمي ۽ پٿريلي روڊ تي ويٺل نظر آيا. اهو ڏسي غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پنهنجي چئنل تي سياست چمڪائڻ جو دڪان کولي فري جي سيل لڳائي ڇڏي ۽ مختلف سياسي ماڻهن کان مذمت جو چندو وصول ڪندا رهيا.
سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڪيسيتائين هن حڪومت ۾ ويٺل سنڌي ماڻهن سان وير واري روايت کي ورجايو ويندو ۽ مختلف معاملن ۾وڪوڙي عوامي مسئلن سان منهن ڏيڻ جو وقت نه ڏنو ويندو.

احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ تعليم ۾ هڪ بنيادي ۽ اهم ضرورت هوندي آهي. تعليم معاشري ۾ رهڻ لاءِ ايئن ضروري آهي جيئن انسان زنده رهڻ جي لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي آهي. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ بهترين طالب علم تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن کين تعليم ڏيندڙ ۾اهي گُر موجود هجن جن سان اهو استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ تعليمي رشتو قائم ڪري سگهي. يعني ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سٺا استاد ئي سـٺا شگرد پيدا ڪندا آهن. پَر.............................................................................................................................. گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهه ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، نئون نسل تعليم جهڙي معاشري جي بنيادي ضرورت کان محروم ٿيل آهي. اسڪولن ۾ ٻارڙن جي سبق پڙهڻ جي آوازن بدران کالي ڪلاسن ۾ ڳالهايل لفظن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيڪي ٻارڙا اسڪولن ۾ (الف اَکِ) ۽ (بي بَدَڪَ) جا ٻول پڙهندا هئا. انهن گهٽين ۾ گهمندڙ جاهل ماڻهن جي زبانن ما نڪتل گٿا لفظ ياد ٿي ڪيا. علم جي اڃ رکندڙ ٻارڙا اسڪولن جا دروازا کُلڻ جو انتظار ڪندي پڙهائي شروع ڪرڻ جي لاءِ ترسي رهيا هئا.. آخر ايتري لاپرواهي ڇو...............؟؟؟ اهو سوال جڏهن سنڌ جي اقتداري ايوانن ۾ اٿاريو ويو ته ذميوارن ان تعليمي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويا، ۽ گوسڙو استادن جو پتولڳائڻ جي لاءِ مختلف اسڪولن تي ڇاپا هڻن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. اهو سلسلو جاري هيو ته غير ذميوار ۽ گوسڙو استادن پاڻ ۾ رابطا قائم ڪري برطرفيءَ جي ڀوءَ کان مطالبن جي هڪ ڊگهي لسٽ تيار ڪري ورتي ۽ تمام استادن کي گڏ کڻي احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. سنڌ جي تعليمي انتظاميا جڏهن گوسڙو استادن جي اهڙن حربن کي ڏٺو ته پوليس کي هدايت جاري ڪئي ته عوام سان دوکو ڪندڙن کي منتشر ڪيو وڃي. پر پوليس جي ڪاروائي انهن استادن جي لاءِ هڪ نئون بهانو بڻجي ويو. ۽ مارڪٽ جي ڀوءَ کان ڀڄي بک هڙتال جو نئون رستو اختيار ڪري ورتو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ان سموري عرصي ۾ سنڌ جا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم رهيا. اعلٰي اختيارن پاران اهڙن استادن جي برطرفيءَ جي فيصلي جوئي امڪان هيو، ڇو ته گوسڙو استاد معصوم ٻارڙن کي تعليم جهڙي لازوال دولت کان محروم رکندي پنهنجو فرض نڀائڻ بدران حرام جون پگھارون کائي رهيا هئا. اسڪولن ۾ اچڻ بجاءِ اوطاقون وسائي ويٺا هئا جيڪو ته ڪنهن به غيرتمند ۽ فرض شناس جي لاءِ انتهائي ڪريل مقام آهي. سنڌ حڪومت جي گوسڙو استادن جي خلاف ڪاروائيءَ کي قلم ۽ لفظي بازيگرن عوام آڏو ايئن پيش ڪيو ويو ته جيئن گوسڙو ۽ غير ذميوار استادن جي بدران مظلوم ۽ ويچارا استاد جو لفظ استعمال ڪيو وڃي، پر شايد انهن کي اها خبر نه آهي ته گوسڙو ۽ غير ذميوار استاد هن پڙهيل لکيل معاشري جا قاتل آهن۽ هو پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ فرض شناس استادن کي به مطالبن جي مڃتا جون لالچون ڏيئي گمراه ڪري رهيا هئا، جيڪو سنڌ ۾ بنيادي تعليمي نظام کي نقصان رسائيندڙ عمل ثابت ٿي رهيو هيو. پر آخر سنڌ حڪومت جي تعليمي عملدارن کان سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جو تباهه ٿيندڙ تعليمي مستقبل برداشت نه ٿيو . ۽ برطرفيءَ جي ڀوءَ کان بچڻ لاءِ گوسڙو استادن جيڪي مطالبا رٿيا هئا سنڌ حڪومت انهن تمام مطالبن کي مڃڻ جو اعلان ڪري احتجاجن جي آڙ ۾ تعليم جي تباهيءَ واري سلسلي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سوال اهو آهي ته انکانپوءِ به اهي گوسڙو استاد غير ذميواري ڪري معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏندا رهندا؟؟ جيڪڏهن اڃا به ايئن ٿيو ته استادن جي مخالفت ۾ پوليس نه پر عوام روڊن تي نڪري اظهار جي آزاديءَ جو مظاهرو ڪندو. عمران درويش سومرو Email: Imran-bhai@hotmail.com 0331-2296956
 بي اختياري اختيار!!
سنڌ جي تاريخ اڃاري ٿر تي لکيل مضمون ۽ وڏن جا مثال هميشه کان زنده آهن. جيڪڏهن ڪو اڃايل ماڻهو پاڻي جي طلب ۾ اڃ تي قابو آڻڻ جي لاءِ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي پئي ٿو ته کيس انهن لفظن طور ڄاتو وڃي ٿو ته شايد هي ٿر مان آيو آهي. ٿر جي رڻ پٽ ۾ پري پري تائين پاڻي جو ڪو وجود ئي نه آهي شايد ان ڪري ئي اتان جا مثال مشهور آهن.
هلندڙ حالتن جي بنياد تي سڄو سنڌ ٿر جو مثال بڻجي چڪو آهي، فصل سڪڻ لڳا آهن جنهن سبب بک ۽ بدحالي ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي. غريب هارين جي پيٽ پالڻ جو ذريعو زمين جي پوک ڪرڻ آهي، پاڻي نه هئڻ سبب غريب هاري فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن. آبادگار پاڻي نه هئڻ سبب سندن زمينون نا مناسب اگهن عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زرعي زمينن تي گهر اڏائي پنهنجي گذرسفر لاءِ اهي اڏايل جهوپڙيون پرديسن کي پئسن عيوض ڏئي رهيا آهن. جنهن علائقن ۾ ٽيوب ويل موجود آهن فقط اتان جا ماڻهو ئي زمين تي فصل آباد ڪري سگهن پيا. بازارن ۾ ٻاڄين جي کوٽ سبب اهي ابادگار پنهنجي مرضي جا اگهه جوڙي ڀاڄيون وڪرو ڪري رهيا آهن. ٻه سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائڻ واري لاءِ زندگي جو گاڏو هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن، غربت ان حد تائين پهتي آهي جو بدحالي جا شڪار ٿيل ماڻهو نانگ ٿي وڃڻ جون دعائون ڪري رهيا آهن، ڇو ته نانگ کي زندهه رهڻ لاءِ مٽي کائيندو آهي ۽ مٽي جو ڪو اگهه نه آهي. سنڌ جو پاڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي...؟
1991 واري پاڻي ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ٿئي ها ته شايد اڄ سنڌ به غربت ۽ بدحالي واري ليڪي تي گهڻي حد تائين ضابطو آڻي سگهي ها. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندڙ پنجاب، سنڌ ۽ سنڌين سان روايتي دشمني برقرار رکندي غير ضروري ڊيمن جا پيٽ ڀري سنڌ ڌرتي کي اڃ جي اونداهي ۾ ڌڪي رهيو آهي، جنهن جو ان کي ڪو به اختيار نه آهي. پنجان جي اها جبري راند شايد اتي جي حڪمرانن لاءِ صرف سنڌي عوام کي سنڌ سرڪار مخالف بڻائڻ جي شرارت هجي، پر انهن کي ان ڳالهه جو علم هئڻ گهرجي ته سنڌ جي پاڻي تي قبضي کانپوءِ بدحالي سبب ڪو به جاني نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار پنجاب جا واڳ ڌڻي هوندا.
سنڌ جي پاڻي تي قبضي خلاف سنڌ حڪومت “ارسا” ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين وٽ دانهيو ته ان کانپوءِ ان مامري تي بحث جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو جيڪو سنڌ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندڙ هيو ڇو ته سنڌ وٽ پنجاب جي ناجائزي جون واضح حقيقتون موجود آهن.
بحث مباحثي جي ان سلسلي ۾ پنجاب پنهنجوگهرو تنگ ٿيندي ڏسي ناڪامي جي ڊپ کان اناپرستي جو مظاهرو ڪندي ڪالاباغ ڊيم جي ناڪام منصوبي جي مڙهه کي ڍال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪالاباغ ڊيم جهڙي منافق منصوبي کي ٻيهر جيارڻ جو مقصد سنڌ کي اهڙي تباهي ڏانهن ڌڪڻ آهي جتان سنڀلجڻ رڳو مشڪل نه پر ناممڪن پڻ بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنجاب پاران چشما-جهلم لنڪ ڪئنال جو منهن کولڻ کان پوءِ سنڌ جي دريائن ۾ جيڪو نامناسب اڻپورو وهڪرو موجود آهي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کان پوءِ سنڌ جي واهن ۾ وهڪري بدران “ريت” هوائن ۾ اڏامندي ۽ هزارين مهاڻن جو جيئڻ ڏکيو ٿي پوندو.
منافقي واري سوچ رکندڙ پنجاب کي ڊيم ٺهڻ واري مطالبي ۾ تڏهن هٿي ملي جڏهن سنڌ حڪومت جي اتحادين سنڌ سان غداري ڪندي سنڌ کي لٽڻ واري منصوبي جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ڊيم ٺاهڻ سان گڏوگڏ زرعي ٽيڪس لڳائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. زرعي ٽيڪس لڳائڻ غريب هارين لاءِ ڪيترو خطرناڪ ثابت ٿيندو، ان جي ڪل شايد ان کان اڳ ڪنهن کي به نه هوندي جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف ايم پي ايز ۽ منسٽرز جنهن ۾ مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، امداد پتافي ۽ ٻين ان جي نقصانن کي پڌرو ڪيو. جڏهن ٽن صوبائي اسيمبلين اهڙي منافق منصوبن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيا ته پوءَ پنجاب ۽ غدار اتحادين کي ڪو به اخلاقي جواز نه ٿو جڳائي ته اهي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻن.
جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ٿي ته پوءَ پورو سنڌ ڏڪار جي ور چڙهي سگهي ٿو ۽ پنجاب جي بي اختياري وارو اختيار استعمال ڪيو ته سنڌ پاڻي ڦڙي کان به محروم ٿي ويندي.

عمران درويش سومرو.
Email : I-darvesh@yahoo.com
Cell: 03312296956 

غلطيءَ سان سچ لکجي ويو
ملڪ جي موجوده حالات جو جائزو ورتو وڃي ته هر پاسي افراتفري ۽ دهشتگردي عوام جي زندگيءَ جي لاءِ عزاب بڻيل آهن. جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ لاءِ هر پاسي کان سازشي ماڻهن جا انبار ڪوششون ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ جمهوري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ادارن ۾ ٽڪراء پيدا ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مخالف ڌرون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي بدران حڪومتي ڪمن ۽ سڌاري جي لا۽ کنيل قدم کي تنقيد جو نشانو بڻائي حڪومت جي عوام ۾ مقبوليت کي نقصان رسائڻ جي راند رلي رهيون آهن، اهي سڀ ته پنهنجي جاءِ تي پر رياست جو چوٿون ٿنڀو يعني عدليه ۾ به سياسي رنگ نظر اچڻ لڳا آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به جمهوري صدر کي بي وجه ايتري تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويو آهي جيترو موجوده عوامي صدر کي بڻايو وڃي پيو، شايد ان ڪري ته اڳوڻا صدر عدالتن ۾ ويٺل ججز کي خريد ڪري عدليه جي آزاديءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا هئا.
پر موجوده سرڪار عدالتن جو احترام ڪندي معزول ججن کي بحال ڪري کين آزاديءَ جي زيور سان نوازيو، جيڪو حڪومت جي لاءِ لُنڊيءَ تي لَتَ برابر ثابت ٿيو، ڇو ته آزادي ملندي ئي ڪجهه ججن ان ڇانوکي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تن کي پناهه ڏني.
ججن جي سربراهه يعني چيف جسٽس پنهنجي بحاليءَ کانپوءِ تمام PCO ججزکي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شايد اها مفاد پرستي هئي ته افتخار احمد چوڌري صاحب اهو وساري ويٺا هئا ته انهن پاڻ به هڪ آمر جي هنج ۾ ويهي LFO تحت حلف کنيو هئو. پر چوندا آهن ته ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر برائي نظر نه ايندي آهي ۽ هو ٻين کي برو ڪوٺيندو آهي. چيف جسٽس کي PCO ججز جي برطرفيءَ جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو به لکرائڻ گهرجي ها. ڇو ته جيڪڏهن LFO تحت حلف کڻي ڪو جج 9 نَوَ سال چيف جسٽس جي عهدي تي رهي سگهي ٿو ته PCO تحت حلف کڻي 5 پَنجَ سال چيف جسٽس جي عهدي رکڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. صرف PCO ججن جي برطرفي اهو ثابت ڪري ٿي ته موجوده عدليه جي بحاليءَ کانپوءِ ملڪ ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر نه رهيو آهي ۽ چيف جسٽس کي صرف پنهنجي عهدي سان پيار آهي ۽ قانون جي ڪا به پرواهه نه آهي. ڪجهه ججز ان رويي مان اهو واضع ٿئي ٿو ته عدالتن ۾ سياسي سوچ ۽ عمل جو هڪ نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، يا وري ججن ۾ قوم پرستيءَ جنم ورتو آهي. ڏٺو وڃي ته اعلي عدالتن ۾ موجود ججز ۾ گهڻي اڪثريت پنجابي زبان سان آهي. ان کان علاوه پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جون رات جي اونداهيءَ ۾ ججن سان ٿيندڙ ملاقاتون جنهن کانپوءِ پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جي موقف ۽ عدالتي فيصلن ۾ ڪوئي فرق نه ٿو رهي، ڄڻ ته اهي فيصلا پنجاب انتظاميه وٽ ئي تيار ٿيا هجن. شايد اهو ئي سبب آهي جو حڪومت جي حمايت ۾ داخل ڪيل هر درخواست کي در ۽ حڪومت جي خلاف هر پٽيشن کي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيو وڃي ٿو اهڙو عدالتي رويو ججن ۾ قوم پرستيءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، جيڪو جمهوري نظام کي تباه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪري سگهي ٿو.
حڪومت جيڪڏهن ڪو غلط فيصلو ڪري ته ان جو عدالتون نوٽيس وٺنديون آهن، پر جيڪڏهن عدالتون ڪو غلط فيصلو ڪن ته ان جو نوٽيس ڪير وٺندو؟ جيڪڏهن ڪنهن عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اها توحين عدالت آهي، افسوس ان ڳاله جو آهي ته ڏينهن رات حڪومت تي ٿيدڙ تنقيد کي توحين حڪومت چوڻ بدران عدالتن ۾ تنقيد ڪندڙن کي هٿي ڏئي انهن جون درخواستون منظور ڪيون وڃن ٿيون اڃان اهو ئي نه پراهي ماڻهون جيڪي فوجي آمرن جي جبري فيصلن کي دل جان سان تسليم ڪندا هئا، اڄ اهي ساڳيا ماڻهون انهيءَ تاڙ ۾ رهن ٿا ته جيئن ئي حڪومت ڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ان کي چئلينج ڪرڻو آهي باقي بعد ۾ ڏٺو ويندو! ڇو ته انهن ماڻهن کي عدالتي فيصلن جو شايد پهريان کان ئي علم هوندو آهي ته ججز انهن جي ڪيل چئلينج کي هٿي ڏيئي حڪومت کي هيٺائون ظاهر ڪرن جو فيصلو ڏيندا. 23 جون تي لاهور هاءَ ڪورٽ جي ڏنل فيصلو انهيءَ ڳالهه کي واضع ڪري ٿو ته حڪومت مخالف هر درخواست کي منظور ڪيو وڃي ٿو. فيصلو هن ريت هيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ نيب جي درخواست تي صدر آصف علي زرداري جي موت ۽ زندگيءَ جي جنگ وڙهندي اسپتال جي بستر تي ستل والد حاڪم علي زرداري ۽ قبر ۾ هميشه جي ننڊ ستل ماءُ جي احتساب ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪو ته انتهائي افسوسناڪ عمل هيو، ڇا ججز کي اها به خبر نه آهي ته مري وڃڻ کانپوءِ ڪو به انسان عدالت ۾ پيش ٿي نه سگهندو آهي؟.
عدالتن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب پاڪستاني عوام انصاف جي فراهميءَ کان مايوس ٿي چڪو آهي، واضع رهي ته ملڪ ۾ 15000 کان وڌيڪ ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ڪيترائي ماڻهون سخت گرميءَ ۾ به انصاف جون اميدون کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ عدالتن جي ٻاهران بيٺل نظر ايندا آهن، سوين ميل ڏوراهين علائقن کان انصاف جي لاءِ آيل ماڻهون بس چڪر ئي ڪاٽيندا رهن ٿا مگر عدالتن کي حڪومت جون ڄنگھون ڇڪڻ مان فرست ملي ئي ڪو نه ٿي ته انهن غريبن کي انصاف ڪير ڏيندو؟ اهو ئي سبب آهي ته ماڻهون بر وقت انصاف نه ملڻ جي وجه سان پئسا ۽ وقت بچائڻ لاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ويهن ٿا، جنهن جي ڪارڻ جزبات اچي ۾ ڪيترائي نوجوان موت جي ور چڙهي وڃن ٿا.
ڏسجي ته ڪيترن ئي سياستدانن جي مٿان وڏي تعداد ۾ ڪيس موجود آهن، پر انهن جي باوجود ججن جون نظرون صرف ۽ صرف صدر زرداري ۽ هاڻي وري سندس گهر ڀاتين ڏانهن نهاري رهيون آهن. عدالتي آمرن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب عوام جي حالت ان پهاڪي وانگر ٿي ويئي آهي ته “وڙهن سَانَ لتاڙجن ٻوُڙا” . ڇا عدليه آزادي جو ناجائز فائدو وٺندي هڪ طرفي ۽ سياسي ڪاروائي جاري رکندي؟؟ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڪو ٻيو صدر ته پري جمهوريت جي بقا لاءِ هر طرح جي تنقيد سهندڙ موجوده صدر اهڙي عدالتي آمريت ۾ عوامي مسئلن کي منهن نه ڏيئي سگهندو.
آخر ۾ ايتري اپيل ته بس هاڻي گهڻو ٿيو: چيف صاحب!
عمران دريش سومرو
Email: i_darvesh@yahoo.com
Cell: 03312296956 

فلاحي منصوبن جي مخالف،آخر ڪيسيتائين..........؟

دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ خوشحالي ۽ سڌارو تڏهن ممڪن آهي جڏهن جڏهن اتان جي انتظاميا ۽ عوام وچ ۾ احساس جو رشتو قائم ٿيندو آهي. جڏهن عوام کي ان ڳالهه جو يقين هجي ته سندن ووٽ جي ذريعي اقتدار ۾ آيل نمائندا سندن مسئلن کي سمجھي ۽ حل ڪري سگھن ٿا، اهڙيءَ ريت حڪومت به عوام جي هر جائز مطالبن کي مڃي ۽ سندن ضرورتون پوريون ڪري ته اهڙي ترقي پسند ۽ خوشحال نظام جا مثال سبق طور استعمال ڪيا وڃن ٿا.
بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي آزاديءَ کان وٺي هلندڙ دور تائين ڪنهن به حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو بحال ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيڻ ڏنو ويو آهي. هميشه کان پاڪستان جو عوم پنهنجي مسئلن سان گڏ دفن ٿيندو رهيو آهي، ڇو ته ان جا مسئلا ٻڌڻ وارو ڪو به نه هوندو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ جڏهن به ڪو عوامي نمائندو عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ اڳي وڌيو آهي ته ان جي اجرت ۾ کيس قتل ڪيو ويو آهي، عوام جي حڪمراني ۽ غريبن جي حقن جي لاءِ جدو جهد ۾ جيءَ جو نظّرانو ڏيندڙن کي شهادت جي رتبي سان نوازيو وڃي ٿو. ۽شهيد ڪڏهن به مرندو نه آهي سندس سوچ ۽ عمل هميشه زنده رهندو آهي. انهن شهيدن جي ياد کي هميشه زنده رکڻ جي لاءِ، مختلف شهرائن، عمارتن، اسڪول، تفريحي جاين ۽ ادارن کي انهن جي نالي طور ڄاتو وڃي ٿو.
2008ع واريون چونڊون جيڪي ڏسڻ ۾ ته هڪ ناممڪن عمل هيو، اهو ان ڪري ته پاڪستان ۾ حڪومت “وَن مين شو” جي طور هلي رهي هئي. هڪ فوجي آمر ۽ انکي “ييس باس” ڪرڻ وارا مسلسل 7 سال عوامي حقن جي لتاڙ واري حڪومت ڪري رهيا هئا، صرف هڪ شخص قانون ۽ آئين کي پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ۽ تبديل ڪيو، ان وقت جي عدالت به هو پاڻ هيو ، حڪومت به ۽ آرمي چيف به هو پاڻ ئي هيو. يعني عوام جي عزاب جهڙي زندگيءَ جي سڌاري جي ڪا به اميد نه رهي هئي. شايد اهو فوجي ڊڪٽيٽر اڃا تائين عوام جو رت چوسيندو رهي ها، پر هڪ دفعو ٻيهر عوام جي دلين اميدون جاڳي پيون، ڇو ته عوام جي محبوب ليڊر محترمه بينظير ڀٽو اعلي قسم جي سياست جو مظاهرو ڪندي آمرن پاران مڙهيل پابندين جي باوجود پنهنجي ملڪ جي عوام سان همدردي ۽ انهن کي آمريت جي ڄار مان آجو ڪرائڻ جي عزم ۾ وطن واپس وري، ۽ ان آمر کي فوجي عهدو ڇڏڻ تي مجبور ڪري عوام کي پنهنجي مرضيءَ مطابق نمائنده چونڊڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
پر جبري روايتن تي عمل پيرا ماڻهن کان عوام ۾ وڌندڙ شعور برداشت ٿيو ۽ انهن عوام جي عظيم ليڊر کي به شهيد ڪري ڇڏيو. اهو ڏينهن عوامي اميدن ۽ حقن جي قتل جو ڏينهن هيو، ان عظيم هستيءَ جي شهادت کانپوءِ پوري دنيا ۾ ڏک جي هڪ لهر ڦيلجي ويئي، پر شهيد ڪڏهن به مرندو نه آهي، ان جي سوچ ۽ عمل زندهه هوندو آهي پنهنجي شهيد قائد جي فلسفي جي پوئواري ڪندي ان جي پارٽيءَ عوامي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي پنهنجي شهيد قائد جي شريڪ حيات کي پنهنجو اڳواڻ بڻائي عوامي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا هئا. عوام پنهنجو پاڻ کي ووٽ ڏئي هڪ جمهوري حڪومت کي ملڪ سنڀالڻ جو موقعو ڏنو. اقتدرا ۾ اچڻ کان پوءِ موجودا حڪومت کي آمريت جا وڇايل جا ڪنڊا صاف ڪرڻا هئا. ان ڪري سمورين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪئي، ان مفاهمتي پاليسي کي مضبوط ٿيندو ڏسي اهي سياستدان جيڪي آمريت جي هنج ۾ پلجي اقتدار ۾ آيا انهن کي مفاهمت ۾ پنهنجو مفاد ختم ٿيندي نظر اچي رهيو هو. تنهن ڪري هڪ پاسي ٿي مخالف ڌر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو جمهوريت لاءِ نقصانڪار هيو.
مٿاهن مسئلن کان آجو ٿي حڪومت عوام جي بهتري بابت ڪم شروع ڪيو ڪيترن ئي غريب هاري عورتن کي زمينون ڏنيون ويون، بي گهر ماڻهن کي ڀيڻ بينظير بستي جي پروجيڪٽ وسيلي گهرن جي فراهمي وارو عمل شروع ٿيو، يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت ڪيترن کي بيروزگار نوجوانن کي هنر سان گڏوگڏ روزگار پڻ فراهم ڪيو ويو، غريب گهراڻن جي مالي سهائتا لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سبب غربت تي گهڻي حد تائين ضابطو اچي ويو آهي. پر شايد مخالفن کان ان شهيد راني جي نالي جي عوام مقبوليت برداشت نه ٿي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ان نالي جي مخالفت ڪري شهيد راڻي جي رتبي جو مذاق اڏائي وئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مخالفت ڪرڻ وارن کي شايد پنجاب ۾ نوازشريف پارڪ، نواز شريف اسپتال، نواز شريف اسڪول ۽ نواز شريف هائوسنگ اسڪيم نظر نه پئي اچي. سياسي مخالفت جي آڙ ۾ جمهوري پارٽي جي دعويٰ ڪندڙ پارٽي عوام جي حقن جي مخالفت ڇو ڪئي............؟
عمران دريش سومرو
Email: i_darvesh@yahoo.com  

7 comments:

  1. طوفاني برسات، متاثر ماڻهون ۽ سنڌ سرڪار......!
    برسات، خداتعاليٰ جي طرفان هڪ نعمت هوندي آهي، جيڪا ڏڪاريل زمينن لاءِ رحمت کان گهٽ نه هوندي آهي، رڻ جا رهواسي ماڻهون وسڪاري جي لاءِ اکين ۾آس ڀري جڏهن اڀ ڏانهن نهارين ٿا ته تتل اُسَ پيدا ڪندڙ گرم سج کين مايوس ڪري ڇڏي ٿو. پر جڏهن آسمان ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪو ڪڪر ڏسجي ٿو ته ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا خوشي ۾ اها دعا ڪندي نظر اچن ٿا ته “ الله سائين مينهن وساءِ”، اڃارا پکي وسڪاري جي واٽ نهاريندي جُهلَڻَ جو انتظار ڪندي نظر ٿا اچن، جڏهن ڪوئل جي ڪُوڪُو وارو ساز رڻ ۾ گونجي ٿو ته مينهن جا سڪايل ماڻهون ان ساز کي برسات جو پيغام سمجهن ٿا. انهن ننڍڙن ٻارڙن جي اها صدا پوري ٿئي ٿي ۽ ڪارا ڪڪر وسي پون ٿا، وسڪاري کانپوءِ جيڏانهن نظر وڃي رڳو ساوڪ ۽ هٻڪار وارو ماحول نظر ايندو آهي.
    هڪ طرف جتي برسات رحمتون ۽ خوشيون کڻي اچي ٿي ته ٻئي طرف ان کي قدرتي آفت تسليم ڪيو وڃي ٿو، شهرن ۾ رهندڙ ماڻهون تيز برسات کي روڪڻ لاءِ دعائون ڪندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته شهرن ۾ ڪاروباري ماڻهن پاران زمين جو سيني کي چيري وڏين وڏين عمارتون کوڙڻ لاءِ مختلف قسمن جا “سيمينٽ اسٽرڪچر” جوڙيا وڃن ٿا، جنهن سبب اتي اڃاري زمين جو ڪو وجود ئي نه هجي ٿو، برسات ٿيڻ سبب پاڻي انهن علائقن جي گهرن ڏانهن ڪاهي پوي ٿو ۽ انساني زندگي متاثر ٿئي ٿي.
    هميشه اهڙي قسم جي برساتن، طوفان ۽ قدرتي آفتن ۾ هزارين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ، سوين ماڻهن جو اجل جو شڪار ٿيڻ ۽ لاتعداد ماڻهن جي گم ٿيڻ بابت خبرون هر ماڻهونءَ لاءِ افسوس ۽ ڏک جي لهر بڻجي وڃن ٿيون. متاثر ٿيل ماڻهون بي وس ۽ بي يارو مددگار ٿي پنهنجي لڙهي ويل سامان جي سائت ۾ لڳي وڃن ٿا... پر هن دفعي ايئن نه ٿيو!
    هلندڙ مهيني ۾ آيل طوفان جون اڳڪٿيون ملڻ تي سنڌ سرڪار ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي انتظامن جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ وقت سر ان تي عمل پڻ ڪندي سنڌ جي سمورن اهڙن شهرن ۾ جتي سمنڊ ٽڪرائجي رهيو هو، انهن ۾ رليف ڪيمپون لڳايون ويون، ساحلي پٽي تي رهندڙ سمورن ماڻهن جي ڪيمپن ڏانهن منتقلي کي يقيني بڻايو ويو.
    گذريل حڪومتن جا سٽيل ماڻهون پنهنجي اجهن تي قبضن جي خوف کان گهر خالي ڪرڻ بدران انهن جي حفاظت لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا، ڇو ته شايد اڳوڻين حڪومتن ۾ انهن غريبن کي برساتن جا ڊپ ڏياري سندن اجهن کي خالي ڪرائي انهن تي قبضا ڪيا ويا هئا، پر موجوده سرڪار کي زمينون نه پر انهن غريبن جون حياتيون عزيز هيون، اعلٰي اختيارين جڏهن انهن غريبن جي گهر نه ڇڏڻ واري عمل کي ڏٺو ته کين مختلف ذريعن سان انهن کي اپيلون ڪندا رهيا ته اهي سامونڊي پٽي خالي ڪن ۽ پوءِ مختلف وزيرن پڻ انهن علائقن ۾وڃي انهن غريب ماڻهن کي خاطري ڪرائي ته موجودا حڪومت کي سندن حياتيون عزيز آهن ۽ ڪنهن جي به اجهي کي وڃائڻ نه سکي آهي. اعلٰي عملدارن جون اهڙيون ڳالهون ٻڌي غريب ماهيگيرن بي خوف ريلف ڪيمپن جو رخ ڪيو.
    نيٺ طوفان آيو... حڪومت پاران جوڳا حفاظتي انتظام هئڻ ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، طوفان سبب ٿيندڙ تيز برسات سبب مختلف شهرن ۾ پاڻي جا تلاءِ ٿي پيا ۽ رابطي جو نظام پڻ متاثر ٿيو.
    عام زندگي کي معمول تي آڻڻ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ سنڌ حڪومت جوڳا اپاٰ ورتا ۽ سمورو پاڻي صرف 48 ڪلاڪن ۾ اتان غائب ٿي ويو. رليف ڪيپمن ۾ ترسيل ماڻهون سندن جان جي حفاظت جي لاءِ حڪومتي ڪارڪردگي سبب خوش نظر اچي رهيا هئا ۽ سندن گهرن ڏانهن واپسي جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ميڊيا پڻ حڪومتي ڪارڪردگيءَ جي مثبت انداز ۾ ساراهه ڪئي وڏي وزير پاران متاثرن لاءِ امداد جو اعلان پڻ ڪيو ويو.
    ڪنهن به قدرتي آفت کان بچاءِ لاءِ حفاظتي اپائن جي اهڙي ڪارڪردگي اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي، اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڇا هيءِ ان حڪومت جي ڪارڪردگي آهي، جنهن تي تنقيد ڪرڻ کانسواءِ مخالفن جي ماني حضم نه ٿيندي آهي. پر ها... کين موجودا حڪومت جي ڪارڪردگي سندن ننڊون پڻ حرام ڪري ڇڏيون آهن.
    عمران درويش سومرو
    Email: i_darvesh@yahoo.com
    0331-2296956

    ReplyDelete
  2. آخر ڪيسيتائين...؟؟؟
    23 مئي تي خبرون ٻڌندي جڏهن اوچتو ٽيليوزن تي هڪ چئنل لڳي ويو ته هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ واقعو منهنجي اکين ۽ دماغ کي سڀ ڪم وساڻ لاءِ مجبور ڪندڙ هيو.
    مون ڏٺو ته هڪ غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي ٻاهران چند ماڻهون هيا جيڪي پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ اعليٰ اختيارن سان ملڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر هي ڇا.......؟ اچانڪ پوليس جي گاڏين جا سائرن ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ مون اهو سوچي چئنل تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد هميشه وانگر اهڙي قسم جا مظاهرا ڪندڙ پوليس جي مار کان ڊڄي ڀڄي هليا ويندا... پر هن دفعي ڳالهه ڏيکاءَ جي نه پر جذبات جي ظاهر ٿي رهي هئي. ڇو ته جڏهن غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پاران پنهنجي (نه سُوهندڙ) نالي واري چئنل تي مظاهرين تي الزام مڙهيندي اها خبر هلائي ويئي ته احتجاجين سندن دفتر گهڙي ۾ مارڪٽ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي ته احتجاجين جا هم خيال ۽ گهرن ۾ ويٺل ساٿي به پنهنجي جذبات تي قابو نه رکي سگهيا ۽ انهن جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ نڪري پيا.
    مٿي نه سُوهندڙ نالي جو ذڪر ان لاءِ ڪيو آهي ڇو ته جتي جنگ هوندي آهي اتي ڪوبه جي نه سگهندو آهي.
    منافقت جي انتها تڏهن ٿي ويئي جڏهن پوليس پاران هڪ طرفي همايت ظاهر ڪندي ڏاڍ جو ساٿ ڏيئي پر امن مظاهرين جي مٿان لٺين جو وسڪارو ڪري اظهار جي آزاديءَ جو جنازو ڪڍيو. پر انجي باوجود به مظاهرين جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهيو ۽ غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي انتظاميا کي سر جي لڳڻ لڳي. مظاهرين جي تعداد ۾ ٿيندڙ مسلسل اضافي شايد پوليس بي رحم لٺين کي به احساس ڏياري ڇڏيو ته مظاهرو ڪندڙ شايد حق تي آهن ۽ انهن جا مطالبا به جائز آهن.

    اهو به ڄاڻائڻ تمام ضروري آهي ته اهي مطالبا ڇا ۽ ڪهڙي حيثيت جا هئا؟؟؟
    مطالبا:
    1. غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پاران سنڌي زبان سان تعلق رکندڙ صدر بي وجهه تنقيد ڪري عوام ۾ سنڌ دشمنيءَ جو تاثر پيدا ڪندڙ اينڪرن کي بر طرف ڪيو وڃي.
    2. سنڌي حڪومت جي خبرن کي خلاف ۽ منفي طور تي پيش ڪندڙ سنڌ دشمن ماڻهن کي پڻ بر طرف ڪيو وڃي.
    3. غير امن نالي واري خانگي صحافتي ادارو سنڌ دشمن پاليسي ختم ڪري.

    سوال اهو آهي ته آخر انهن مطالبن جنم ڇو ورتو.......................................................؟
    اهي مطالبا تڏهن پيدا ٿيا جڏهن غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري سنڌ دشمني جي پراڻي روايت کي دهرائيندي سنڌي ماڻهن کي اقتدار ۾ ويٺل نه سَٺو ۽ پنهنجي چئنل تي گستاخ خاڪا ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيوجيڪو اڄ به جاري آهي، هميشه ڪنهن به ڳالهه کي اهڙي خبر جي طور پيش ڪيو ويو جنهن سان عوام ۾ حڪومتي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿئي، 18 ترميم جي نالي تي سنڌي صدر کي هميشه تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو هيو پر جڏهن جمهوريت جي پاسداري ڪندي پنهنجا اختيار وزيراعظم کي منتقل ڪيا ته اهو عمل غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري جي سنڌ دشمن اينڪرن مٿان ڏمر ٿي ڪريو، ڇو ته انهن کي پگهار ئي صدر تي تنقيد ڪرڻ جي ڪري ملندي هئي، ۽ ان وقت سموريون سياسي قوتون صدر جي حمايت ڪندي نظر اچي رهيون هيو. پر چوندا آهن ته ڪُتي جو پڇ سئو سال نڙ ۾ وجهجي پر ساڳيو ٽيڙو ئي ٽيڙو.
    انکانپوءِ اڃان تائين به اهو غير امن نالي واري خانگي صحافتي ادارو مسلسل سنڌي حڪومت ۽ عدليه وچ ۾ ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي. اهڙي قسم جا اينڪر پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي ۽ سينئر صحافي ڪردارن جي مٿان ڌٻو آهن.
    حيرت ان وقت ٿي جنهن وقت اهو معلوم ٿيو ته احتجاج ڪندڙ پارٽي جو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه هيو ۽ هو ٻئي ڪنهن سياسي جماعت جي رهنمائي ڪري رهياهئا. تيز رفتار دور ۾ وقت تمام گهڻي اهميت رکي ٿو پر مظاهرين قيمتي وقت جي قرباني ڏيندي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي روايتن جي حفاظت جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجا سنڌ دوست مطالبا مڃائڻ لاءِ سخت گرمي ۽ پٿريلي روڊ تي ويٺل نظر آيا. اهو ڏسي غير امن نالي واري خانگي صحافتي اداري پنهنجي چئنل تي سياست چمڪائڻ جو دڪان کولي فري جي سيل لڳائي ڇڏي ۽ مختلف سياسي ماڻهن کان مذمت جو چندو وصول ڪندا رهيا.
    سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڪيسيتائين هن حڪومت ۾ ويٺل سنڌي ماڻهن سان وير واري روايت کي ورجايو ويندو ۽ مختلف معاملن ۾وڪوڙي عوامي مسئلن سان منهن ڏيڻ جو وقت نه ڏنو ويندو.

    عمران درويش سومرو
    03312296956 Email: Imran-bhai@hotmail.com

    ReplyDelete
  3. احتجاجن جي آڙ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم
    دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ تعليم ۾ هڪ بنيادي ۽ اهم ضرورت هوندي آهي. تعليم معاشري ۾ رهڻ لاءِ ايئن ضروري آهي جيئن انسان زنده رهڻ جي لاءِ پاڻي جي ضرورت هوندي آهي. دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ بهترين طالب علم تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن کين تعليم ڏيندڙ ۾اهي گُر موجود هجن جن سان اهو استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ تعليمي رشتو قائم ڪري سگهي. يعني ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سٺا استاد ئي سـٺا شگرد پيدا ڪندا آهن.
    پَر..............................................................................................................................
    گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهه ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، نئون نسل تعليم جهڙي معاشري جي بنيادي ضرورت کان محروم ٿيل آهي. اسڪولن ۾ ٻارڙن جي سبق پڙهڻ جي آوازن بدران کالي ڪلاسن ۾ ڳالهايل لفظن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيڪي ٻارڙا اسڪولن ۾ (الف اَکِ) ۽ (بي بَدَڪَ) جا ٻول پڙهندا هئا. انهن گهٽين ۾ گهمندڙ جاهل ماڻهن جي زبانن ما نڪتل گٿا لفظ ياد ٿي ڪيا. علم جي اڃ رکندڙ ٻارڙا اسڪولن جا دروازا کُلڻ جو انتظار ڪندي پڙهائي شروع ڪرڻ جي لاءِ ترسي رهيا هئا..
    آخر ايتري لاپرواهي ڇو...............؟؟؟
    اهو سوال جڏهن سنڌ جي اقتداري ايوانن ۾ اٿاريو ويو ته ذميوارن ان تعليمي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويا، ۽ گوسڙو استادن جو پتولڳائڻ جي لاءِ مختلف اسڪولن تي ڇاپا هڻن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. اهو سلسلو جاري هيو ته غير ذميوار ۽ گوسڙو استادن پاڻ ۾ رابطا قائم ڪري برطرفيءَ جي ڀوءَ کان مطالبن جي هڪ ڊگهي لسٽ تيار ڪري ورتي ۽ تمام استادن کي گڏ کڻي احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو.
    سنڌ جي تعليمي انتظاميا جڏهن گوسڙو استادن جي اهڙن حربن کي ڏٺو ته پوليس کي هدايت جاري ڪئي ته عوام سان دوکو ڪندڙن کي منتشر ڪيو وڃي. پر پوليس جي ڪاروائي انهن استادن جي لاءِ هڪ نئون بهانو بڻجي ويو. ۽ مارڪٽ جي ڀوءَ کان ڀڄي بک هڙتال جو نئون رستو اختيار ڪري ورتو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ان سموري عرصي ۾ سنڌ جا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم رهيا. اعلٰي اختيارن پاران اهڙن استادن جي برطرفيءَ جي فيصلي جوئي امڪان هيو، ڇو ته گوسڙو استاد معصوم ٻارڙن کي تعليم جهڙي لازوال دولت کان محروم رکندي پنهنجو فرض نڀائڻ بدران حرام جون پگھارون کائي رهيا هئا. اسڪولن ۾ اچڻ بجاءِ اوطاقون وسائي ويٺا هئا جيڪو ته ڪنهن به غيرتمند ۽ فرض شناس جي لاءِ انتهائي ڪريل مقام آهي. سنڌ حڪومت جي گوسڙو استادن جي خلاف ڪاروائيءَ کي قلم ۽ لفظي بازيگرن عوام آڏو ايئن پيش ڪيو ويو ته جيئن گوسڙو ۽ غير ذميوار استادن جي بدران مظلوم ۽ ويچارا استاد جو لفظ استعمال ڪيو وڃي، پر شايد انهن کي اها خبر نه آهي ته گوسڙو ۽ غير ذميوار استاد هن پڙهيل لکيل معاشري جا قاتل آهن۽ هو پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ فرض شناس استادن کي به مطالبن جي مڃتا جون لالچون ڏيئي گمراه ڪري رهيا هئا، جيڪو سنڌ ۾ بنيادي تعليمي نظام کي نقصان رسائيندڙ عمل ثابت ٿي رهيو هيو. پر آخر سنڌ حڪومت جي تعليمي عملدارن کان سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جو تباهه ٿيندڙ تعليمي مستقبل برداشت نه ٿيو .
    ۽ برطرفيءَ جي ڀوءَ کان بچڻ لاءِ گوسڙو استادن جيڪي مطالبا رٿيا هئا سنڌ حڪومت انهن تمام مطالبن کي مڃڻ جو اعلان ڪري احتجاجن جي آڙ ۾ تعليم جي تباهيءَ واري سلسلي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
    سوال اهو آهي ته انکانپوءِ به اهي گوسڙو استاد غير ذميواري ڪري معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏندا رهندا؟؟
    جيڪڏهن اڃا به ايئن ٿيو ته استادن جي مخالفت ۾ پوليس نه پر عوام روڊن تي نڪري اظهار جي آزاديءَ جو مظاهرو ڪندو.

    عمران درويش سومرو
    0331-2296956
    Email: Imran-bhai@hotmail.com

    ReplyDelete
  4. بي اختياري اختيار!!
    سنڌ جي تاريخ اڃاري ٿر تي لکيل مضمون ۽ وڏن جا مثال هميشه کان زنده آهن. جيڪڏهن ڪو اڃايل ماڻهو پاڻي جي طلب ۾ اڃ تي قابو آڻڻ جي لاءِ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي پئي ٿو ته کيس انهن لفظن طور ڄاتو وڃي ٿو ته شايد هي ٿر مان آيو آهي. ٿر جي رڻ پٽ ۾ پري پري تائين پاڻي جو ڪو وجود ئي نه آهي شايد ان ڪري ئي اتان جا مثال مشهور آهن.
    هلندڙ حالتن جي بنياد تي سڄو سنڌ ٿر جو مثال بڻجي چڪو آهي، فصل سڪڻ لڳا آهن جنهن سبب بک ۽ بدحالي ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي. غريب هارين جي پيٽ پالڻ جو ذريعو زمين جي پوک ڪرڻ آهي، پاڻي نه هئڻ سبب غريب هاري فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن. آبادگار پاڻي نه هئڻ سبب سندن زمينون نا مناسب اگهن عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زرعي زمينن تي گهر اڏائي پنهنجي گذرسفر لاءِ اهي اڏايل جهوپڙيون پرديسن کي پئسن عيوض ڏئي رهيا آهن. جنهن علائقن ۾ ٽيوب ويل موجود آهن فقط اتان جا ماڻهو ئي زمين تي فصل آباد ڪري سگهن پيا. بازارن ۾ ٻاڄين جي کوٽ سبب اهي ابادگار پنهنجي مرضي جا اگهه جوڙي ڀاڄيون وڪرو ڪري رهيا آهن. ٻه سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائڻ واري لاءِ زندگي جو گاڏو هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
    پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن، غربت ان حد تائين پهتي آهي جو بدحالي جا شڪار ٿيل ماڻهو نانگ ٿي وڃڻ جون دعائون ڪري رهيا آهن، ڇو ته نانگ کي زندهه رهڻ لاءِ مٽي کائيندو آهي ۽ مٽي جو ڪو اگهه نه آهي. سنڌ جو پاڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي...؟
    1991 واري پاڻي ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ٿئي ها ته شايد اڄ سنڌ به غربت ۽ بدحالي واري ليڪي تي گهڻي حد تائين ضابطو آڻي سگهي ها. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻندڙ پنجاب، سنڌ ۽ سنڌين سان روايتي دشمني برقرار رکندي غير ضروري ڊيمن جا پيٽ ڀري سنڌ ڌرتي کي اڃ جي اونداهي ۾ ڌڪي رهيو آهي، جنهن جو ان کي ڪو به اختيار نه آهي. پنجان جي اها جبري راند شايد اتي جي حڪمرانن لاءِ صرف سنڌي عوام کي سنڌ سرڪار مخالف بڻائڻ جي شرارت هجي، پر انهن کي ان ڳالهه جو علم هئڻ گهرجي ته سنڌ جي پاڻي تي قبضي کانپوءِ بدحالي سبب ڪو به جاني نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار پنجاب جا واڳ ڌڻي هوندا.
    سنڌ جي پاڻي تي قبضي خلاف سنڌ حڪومت “ارسا” ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين وٽ دانهيو ته ان کانپوءِ ان مامري تي بحث جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو جيڪو سنڌ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندڙ هيو ڇو ته سنڌ وٽ پنجاب جي ناجائزي جون واضح حقيقتون موجود آهن.
    بحث مباحثي جي ان سلسلي ۾ پنجاب پنهنجوگهرو تنگ ٿيندي ڏسي ناڪامي جي ڊپ کان اناپرستي جو مظاهرو ڪندي ڪالاباغ ڊيم جي ناڪام منصوبي جي مڙهه کي ڍال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڪالاباغ ڊيم جهڙي منافق منصوبي کي ٻيهر جيارڻ جو مقصد سنڌ کي اهڙي تباهي ڏانهن ڌڪڻ آهي جتان سنڀلجڻ رڳو مشڪل نه پر ناممڪن پڻ بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنجاب پاران چشما-جهلم لنڪ ڪئنال جو منهن کولڻ کان پوءِ سنڌ جي دريائن ۾ جيڪو نامناسب اڻپورو وهڪرو موجود آهي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کان پوءِ سنڌ جي واهن ۾ وهڪري بدران “ريت” هوائن ۾ اڏامندي ۽ هزارين مهاڻن جو جيئڻ ڏکيو ٿي پوندو.
    منافقي واري سوچ رکندڙ پنجاب کي ڊيم ٺهڻ واري مطالبي ۾ تڏهن هٿي ملي جڏهن سنڌ حڪومت جي اتحادين سنڌ سان غداري ڪندي سنڌ کي لٽڻ واري منصوبي جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ ڊيم ٺاهڻ سان گڏوگڏ زرعي ٽيڪس لڳائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. زرعي ٽيڪس لڳائڻ غريب هارين لاءِ ڪيترو خطرناڪ ثابت ٿيندو، ان جي ڪل شايد ان کان اڳ ڪنهن کي به نه هوندي جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف ايم پي ايز ۽ منسٽرز جنهن ۾ مراد علي شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، امداد پتافي ۽ ٻين ان جي نقصانن کي پڌرو ڪيو. جڏهن ٽن صوبائي اسيمبلين اهڙي منافق منصوبن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيا ته پوءَ پنجاب ۽ غدار اتحادين کي ڪو به اخلاقي جواز نه ٿو جڳائي ته اهي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻن.
    جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ٿي ته پوءَ پورو سنڌ ڏڪار جي ور چڙهي سگهي ٿو ۽ پنجاب جي بي اختياري وارو اختيار استعمال ڪيو ته سنڌ پاڻي ڦڙي کان به محروم ٿي ويندي.

    عمران درويش سومرو.
    Email : I-darvesh@yahoo.com
    Cell: 03312296956

    ReplyDelete
  5. (1)
    غلطيءَ سان سچ لکجي ويو
    ملڪ جي موجوده حالات جو جائزو ورتو وڃي ته هر پاسي افراتفري ۽ دهشتگردي عوام جي زندگيءَ جي لاءِ عزاب بڻيل آهن. جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ لاءِ هر پاسي کان سازشي ماڻهن جا انبار ڪوششون ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ جمهوري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ادارن ۾ ٽڪراء پيدا ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مخالف ڌرون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي بدران حڪومتي ڪمن ۽ سڌاري جي لا۽ کنيل قدم کي تنقيد جو نشانو بڻائي حڪومت جي عوام ۾ مقبوليت کي نقصان رسائڻ جي راند رلي رهيون آهن، اهي سڀ ته پنهنجي جاءِ تي پر رياست جو چوٿون ٿنڀو يعني عدليه ۾ به سياسي رنگ نظر اچڻ لڳا آهن.
    پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به جمهوري صدر کي بي وجه ايتري تنقيد جو نشانو نه بڻايو ويو آهي جيترو موجوده عوامي صدر کي بڻايو وڃي پيو، شايد ان ڪري ته اڳوڻا صدر عدالتن ۾ ويٺل ججز کي خريد ڪري عدليه جي آزاديءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا هئا.
    پر موجوده سرڪار عدالتن جو احترام ڪندي معزول ججن کي بحال ڪري کين آزاديءَ جي زيور سان نوازيو، جيڪو حڪومت جي لاءِ لُنڊيءَ تي لَتَ برابر ثابت ٿيو، ڇو ته آزادي ملندي ئي ڪجهه ججن ان ڇانوکي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تن کي پناهه ڏني.
    ججن جي سربراهه يعني چيف جسٽس پنهنجي بحاليءَ کانپوءِ تمام PCO ججزکي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شايد اها مفاد پرستي هئي ته افتخار احمد چوڌري صاحب اهو وساري ويٺا هئا ته انهن پاڻ به هڪ آمر جي هنج ۾ ويهي LFO تحت حلف کنيو هئو. پر چوندا آهن ته ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر برائي نظر نه ايندي آهي ۽ هو ٻين کي برو ڪوٺيندو آهي. چيف جسٽس کي PCO ججز جي برطرفيءَ جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو به لکرائڻ گهرجي ها. ڇو ته جيڪڏهن LFO تحت حلف کڻي ڪو جج 9 نَوَ سال چيف جسٽس جي عهدي تي رهي سگهي ٿو ته PCO تحت حلف کڻي 5 پَنجَ سال چيف جسٽس جي عهدي رکڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. صرف PCO ججن جي برطرفي اهو ثابت ڪري ٿي ته موجوده عدليه جي بحاليءَ کانپوءِ ملڪ ۾ قانون سڀني جي لاءِ برابر نه رهيو آهي ۽ چيف جسٽس کي صرف پنهنجي عهدي سان پيار آهي ۽ قانون جي ڪا به پرواهه نه آهي. ڪجهه ججز ان رويي مان اهو واضع ٿئي ٿو ته عدالتن ۾ سياسي سوچ ۽ عمل جو هڪ نئون دور شروع ٿي چڪو آهي، يا وري ججن ۾ قوم پرستيءَ جنم ورتو آهي. ڏٺو وڃي ته اعلي عدالتن ۾ موجود ججز ۾ گهڻي اڪثريت پنجابي زبان سان آهي. ان کان علاوه پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جون رات جي اونداهيءَ ۾ ججن سان ٿيندڙ ملاقاتون جنهن کانپوءِ پنجاب حڪومت جي اڳواڻن جي موقف ۽ عدالتي فيصلن ۾ ڪوئي فرق نه ٿو رهي، ڄڻ ته اهي فيصلا پنجاب انتظاميه وٽ ئي تيار ٿيا هجن. شايد اهو ئي سبب آهي جو حڪومت جي حمايت ۾ داخل ڪيل هر درخواست کي در ۽ حڪومت جي خلاف هر پٽيشن کي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيو وڃي ٿو اهڙو عدالتي رويو ججن ۾ قوم پرستيءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، جيڪو جمهوري نظام کي تباه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪري سگهي ٿو.
    حڪومت جيڪڏهن ڪو غلط فيصلو ڪري ته ان جو عدالتون نوٽيس وٺنديون آهن، پر جيڪڏهن عدالتون ڪو غلط فيصلو ڪن ته ان جو نوٽيس ڪير وٺندو؟ جيڪڏهن ڪنهن عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته اها توحين عدالت آهي، افسوس ان ڳاله جو آهي ته ڏينهن رات حڪومت تي ٿيدڙ تنقيد کي توحين حڪومت چوڻ بدران عدالتن ۾ تنقيد ڪندڙن کي هٿي ڏئي انهن جون درخواستون منظور ڪيون وڃن ٿيون.

    ReplyDelete
  6. (2)
    . اڃان اهو ئي نه پراهي ماڻهون جيڪي فوجي آمرن جي جبري فيصلن کي دل جان سان تسليم ڪندا هئا، اڄ اهي ساڳيا ماڻهون انهيءَ تاڙ ۾ رهن ٿا ته جيئن ئي حڪومت ڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ان کي چئلينج ڪرڻو آهي باقي بعد ۾ ڏٺو ويندو! ڇو ته انهن ماڻهن کي عدالتي فيصلن جو شايد پهريان کان ئي علم هوندو آهي ته ججز انهن جي ڪيل چئلينج کي هٿي ڏيئي حڪومت کي هيٺائون ظاهر ڪرن جو فيصلو ڏيندا. 23 جون تي لاهور هاءَ ڪورٽ جي ڏنل فيصلو انهيءَ ڳالهه کي واضع ڪري ٿو ته حڪومت مخالف هر درخواست کي منظور ڪيو وڃي ٿو. فيصلو هن ريت هيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ نيب جي درخواست تي صدر آصف علي زرداري جي موت ۽ زندگيءَ جي جنگ وڙهندي اسپتال جي بستر تي ستل والد حاڪم علي زرداري ۽ قبر ۾ هميشه جي ننڊ ستل ماءُ جي احتساب ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪو ته انتهائي افسوسناڪ عمل هيو، ڇا ججز کي اها به خبر نه آهي ته مري وڃڻ کانپوءِ ڪو به انسان عدالت ۾ پيش ٿي نه سگهندو آهي؟.
    عدالتن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب پاڪستاني عوام انصاف جي فراهميءَ کان مايوس ٿي چڪو آهي، واضع رهي ته ملڪ ۾ 15000 کان وڌيڪ ڪيس رولڙي جو شڪار ٿيل آهن. ڪيترائي ماڻهون سخت گرميءَ ۾ به انصاف جون اميدون کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ عدالتن جي ٻاهران بيٺل نظر ايندا آهن، سوين ميل ڏوراهين علائقن کان انصاف جي لاءِ آيل ماڻهون بس چڪر ئي ڪاٽيندا رهن ٿا مگر عدالتن کي حڪومت جون ڄنگھون ڇڪڻ مان فرست ملي ئي ڪو نه ٿي ته انهن غريبن کي انصاف ڪير ڏيندو؟ اهو ئي سبب آهي ته ماڻهون بر وقت انصاف نه ملڻ جي وجه سان پئسا ۽ وقت بچائڻ لاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ويهن ٿا، جنهن جي ڪارڻ جزبات اچي ۾ ڪيترائي نوجوان موت جي ور چڙهي وڃن ٿا.
    ڏسجي ته ڪيترن ئي سياستدانن جي مٿان وڏي تعداد ۾ ڪيس موجود آهن، پر انهن جي باوجود ججن جون نظرون صرف ۽ صرف صدر زرداري ۽ هاڻي وري سندس گهر ڀاتين ڏانهن نهاري رهيون آهن. عدالتي آمرن جي اهڙي هڪ طرفي ڪاروائيءَ سبب عوام جي حالت ان پهاڪي وانگر ٿي ويئي آهي ته “وڙهن سَانَ لتاڙجن ٻوُڙا” . ڇا عدليه آزادي جو ناجائز فائدو وٺندي هڪ طرفي ۽ سياسي ڪاروائي جاري رکندي؟؟ جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڪو ٻيو صدر ته پري جمهوريت جي بقا لاءِ هر طرح جي تنقيد سهندڙ موجوده صدر اهڙي عدالتي آمريت ۾ عوامي مسئلن کي منهن نه ڏيئي سگهندو.
    آخر ۾ ايتري اپيل ته بس هاڻي گهڻو ٿيو: چيف صاحب!
    عمران دريش سومرو
    Email: i_darvesh@yahoo.com
    Cell: 03312296956

    ReplyDelete
  7. فلاحي منصوبن جي مخالف،آخر ڪيسيتائين..........؟