Sunday, December 5, 2010

تلخ حقيقت

تلخ حقيقت
انسان جي سوچ پئسن جي باري ۾ ڪيڏي نه عجيب آهي..
فقير سامهون ايندو آهي ته کيسي ۾ هڻي گهٽ ۾ گهٽ ملهه رکندڙ پيسن (يعني هڪ يا ٻه روپين جي سڪي) جي ڳولا شروع ڪندا آهيون جيڪڏهن هوندو ته ڪڍي ڏينداسين جيڪڏهن نه ته روايتي راڳ ورجائينداسين ته ”معاف ڪر“
ان جي بلڪل ابتڙ جيڪڏهن ڪو گناه جو ڪم (يعني فحاش عورتن جو ناچ، شراب پيئڻ ) هجي ۽ ان ۾ رقم جو وڏو استعمال ٿئي ته کيسي ۾ هٿ هڻي ان وڏي ۾ وڏي رقم کي ڳولڻ شروع ڪندا سين جي هوندي ته ٺيڪ جيڪڏهن نه هوندي ته اوڌر کڻي به اهو ڪم پورو ڪنداسين .

1 comment: